ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيوآهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيوآهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيوآهي، ڇا هو عالمي صحافين کي والاريل ڪشمير وٺي ويندو ، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ  هو ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي آبادي کي نشانو بڻائي رهيو آهي ، سندس چوڻ هو ته بنگلاديش سان اسان بهتر دوستاڻن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون . هن چيو ته اسان ماضي جون تلخيون وساري بهتر مستقبل چاهيون ٿا ، هن چيو ته اسان بنگلاديش ۾ نئون سفير به مقرر ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔