ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ جهڙالي رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ جهڙالو رهندو.

موسميات کاتي موجب لاهور، سيالڪوٽ، گجرات، نارووال ۽ گوجرانوالا ۾ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين ۾  هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.

اداري طرفان دير، سوات، ڪوهستان، ايبٽ آباد ۽ هريپور ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪشمير ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب تان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر برسات  شروع ٿي وئي هئي هلڪي برسات ۽ بوندا باندي سان موسم خوشگوار ٿي ويو هو.

موسميات کاتي موجب شهر جي مختلف علائقن ۾  برسات ۽ بوندا باندي جو سلسلو دير تائين جاري رهيو جنهن سبب موسم ڪافي خوشگوار ٿي ويو.

ڪراچي جي علائقي کارادر ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي به هلڪي برسات پئي جڏهن ته گرو مندر، سولجر بازار ۽ گارڊن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به بوندا باندي جو سلسلو جاري رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔