سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 هزار 6 ماڻهو فوت

ڪراچي :سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 6 هزار 6 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 لک 28 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتين جو انگ 6 لک 24 هزار 510 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد هڪ ڪروڙ، 53 لک 13 هزار کان به وڌيڪ آهي . برازيل ۾ڪورونا وگهي هڪ هزار 174 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 82 هزار 771 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 22 لک 27 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن . ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 915 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتين جو انگ 40 هزار 400 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 لک 56 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمار آهن . آمريڪا ۾ وڌيڪ 833 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ هڪ لک 45 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 40 لک 76 هزار کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ هڪ هزار 120 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 لک 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. ڪورونا وائرس ايران ۾219، ڪئنيڊا ۾6، روس ۾165، بنگلاديش 42 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. دنيا ۾ڪورونا وگهي فوتگين بعد فوتين جو انگ 6 لک 24 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 92 لک 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔