ڊسمبر ۾ بجليءَ جي واهپيدارن تي 13 ارب 80 ڪروڙ رُپين جو اضافي بار وڌو ويو،نيپرا چيئرمين

اسلام آباد :بجليءَ جا ڳرا بل ڏسي ماڻهن جون رڙيون نڪري وڃن ٿيون، فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ۾ دير سان واهپيدارن تي وڏو بار پئجي سگهي ٿو، نيپرا چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته ڊسمبر مهيني ۾ بجليءَ جي واهپيدارن تي 13 ارب 80 ڪروڙ رُپين جو اضافي بار وڌو ويو، ٻڌايو وڃي ته ڊسمبر ۾ بجليءَ جي پيداوار لاءِ گئس بدران فرنيس آئيل ڇو ڪتب آندو ويو؟ بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز طرفان فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر جي اختيارين چيو ته ڊسمبر ۾ گئس جي کوٽ سبب فرنيس آئل مان بجلي پيدا ڪئي وئي، نيپرا چيئرمين چيو آهي ته فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سان 7 ارب رُپين جو بار بجليءَ جي واهپيدارن ڏانهن منتقل ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔