وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي پابنديون لڳايون ويون تہ ڪاروبار نہ ڪري سگهنديون: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ڪمپنيز تي پابندي لڳائي اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻي رهيا آهيون.

خانگي  چينل سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ۽ تان جي سروس تي پابندي لڳائي وڃي ته هي ڪمپنيون پاڪستان اچي ڪاروبار نه ڪنديون.

فواد چوڌري چيو ته ان ڪمپنين جو اعتراض آهي ته جڏهن حڪومت جو دل چاهي ٿو ته پابندي هڻي ڇڏيندي آهي اهڙي طرح ملڪ نه هلندا، پابندي لڳائي اسان پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻنداسين. 

هن چيوته لکين ماڻهو ٽيڪنالاجي جي ڪاروبار سان  لاڳاپيل آهن پنهنجي ادارن جي صلاحيت کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔