ڪورونا خلاف پاڪ فوج جون شاندارخدمتون،آمريڪي اخبار جي تعريف

اسلام آباد: ناليواري آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي ، جنهن ۾ وڏو ڪردار پاڪ فوج جو آهي جنهن سول حڪومت سان گڏجي ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ورتيون

اخبار جي رپورٽ موجب ٻه مهينا اڳ پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز تمام گهٽ هئا ، اهڙِي صورتحال کي ڏسندي حڪومت پابندين ۾ نرمي ڪئي هئي ته جيئن ماڻهو عيدالفطر لاءِ خريداري ڪري سگهن پر ڪجهه ئي هفتن ۾ ان جو اثر ابتو نڪتو ۽ اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون.

اخبار موجب ملڪ ۾ وزيراعظم عمران خان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي متعارف ڪرائي جنهن تحت ڪورونا جي پکڙجڻ واري علائقن کي بند ڪيو ويو ان ڏس ۾ وزيراعظم فوج کي مدد لاءِ چيو . پاڪ فوج جي لاجسٽڪس ، سيڪورٽي ۽ سرويلنس ۾ شامل ٿيڻ سان ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي .

ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ فوج جي شامل ٿيڻ سان افرادي قوت ۽ اٿارٽي ٻنهين جو واڌاو ٿيو ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن جي فورم تان سول ۽ فوجي عملدار باقاعدگي سان اجلاس ڪندا آهن . مقامي لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ ۾ فوجي جوان مدد ڪندا آهن ، ان کان سواءِ ڪنٽيڪٽ ۽ ٽريسنگ جون ڪوششون بهتر بڻائڻ لاءِ نئين مريضن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي .

ٻئي پاسي حڪومت خدشو ڏيکاريو آهي ته قرباني واري عيد تي عوام پاران بي احتياطي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي جي صورت ۾ ڪيسز وڌي سگهن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔