پاڪستان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 78سيڪڙو گهٽتائي

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب مالي سال 2020 ۾ ملڪ جي اڪائونٽ خساري ۾ 78 سيڪڙو نمايان گهٽتائي ٿي آهي

پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مالي سال 2020 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو هڪ ڏهائي هڪ سيڪڙو رهيو .

پڌرائي موجب مالي سال 2020 جي پڄاڻي تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2 ارب 66 ڪروڙ ڊالر رهيو

اسٽيٽ بئنڪ پاران ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2019 جي پڄاڻي تي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ارب 43 ڪروڙ ڊالرهو جيڪو جي ڊي پي جو چار ڏهائي اَٺ سيڪڙو ريڪارڊ ڪيو ويو  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔