ڪراچي يونيورسٽي ۽ وائيس آف سنڌ جي سهڪار سان آرٽ جو مقابلو

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي ۾يونيورسٽي ۽ وائيس آف سنڌ جي گڏيل سهڪار سان آرٽ ڪمپٽيشن ڪرايو ويو ، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

مقابلي کانپوءِ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خالد عراقي ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عمير هارون ۽ پيٽرن چيف حنيد لاکاڻي پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا

پينٽنگ ، ڊجيٽل آرٽ ۽ اسڪيچ جي ٽن ڪيٽيگريز ۾ انعام ماڻيندڙ شاگردن ۾ چيڪ به ورهايا ويا

ان موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي يونيورسٽي جي وي سي خالد عراقي چيو ته تعليمي سڌارا حالتن پٽاندڙ هجڻ گهرجن ، ته جيئن اهي فائدي مند ٿي سگهن

پيٽرن ان چيف حنيد لاکاڻي جو چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال جديد تعليمي نظام جي اهم ضرورت آهي

ان موقعي تي ڊاڪٽر عمير هارون جو چوڻ هو ته نوجوانن کي موجوده دور ۾ تعليم سان گڏ عملي ميدان ۾ به پاڻ ملهائڻو پوندو ، انهن کي تعليم سان گڏ ٻين سرگرمين جا موقعا به ملڻ گهرجن، بهتر تعليمي نظام نوجوانن جو بنيادي حق آهي

ان موقعي تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خالد عراقي اميد ظاهر ڪئي ته آئنده به وائيس آف سنڌ جي سهڪار سان اهڙيون سرگرميون جاري رکيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔