عدالت جي سنٿيارچي کي 30 هزار روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد: عدالت قذف آرڊيننس ڪيس ۾ آمريڪي شهري سنٿيا ڊي رچي کي 30 هزار روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ سنٿيا رچي جي خلاف قذف  آرڊيننس تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ سنٿيا رچي  جي وڪيل ضمانتي مچلڪا پاڪستاني روپين ۾ جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. عدالت سنٿيا رچي جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي کيس 30 هزار جا  مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هديت ڪئي. سنٿيا رچي پاران درخواست قذف آرڊيننس  تي پورو نه لهڻ تي ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جنهن ۾ موقف اپنايو ويو هو ته شڪايت ڪندڙ قذف آرڊيننس موجب محسن قرار نٿا ڏئي سگهون ۽ جيڪو شخص محسن قرار نٿو ڏئي سگهجي اهو قذف جو ڪيس نٿو ڪري سگهي.

ان موقعي  تي رحمان ملڪ جي وڪيل چيو ته سنٿيا رچي عدالتي حڪم جي باوجود لاڳيتو بدنامي تي ٻڌل مواد پوسٽ ڪري رهي آهي ان جي بدنامي تي ٻڌل مواد پوسٽ ڪرڻ تي سندس مٿان توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. 

ٻڌڻي دوران جج سنٿيا کان سوال ڪيو ته اوهان کي پاڪستان ۾ ويزا جو ڪو مسئلو آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته مون کي پاڪستان ۾ ويزا جو ڪوبه مسئلو ناهي. جنهن کان پوءِ عدات جمع ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنٿيا رچي چيو ته پاڪستان منهنجو ٻيو گهر آهي. مان عورت يا آمريڪي شهري هجڻ سبب   ڪنهن جي به همدردي نٿي چاهيان مون کي عدالت کان اڻ ڌري  ڪارروائي جي اميد آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان 31 آگسٽ کان پوءِ ويزا ۾ واڌ ڪرائيندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔