اپوزيشن جي آل پارٽِيز ڪانفرنس کان اڳ بلاول ڀٽو سان مسلم ليگ(ن) جي وفد جي ملاقات

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان(ن) ليگ جي اڳواڻن بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال کان علاوه اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ايجنڊا جي تياري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

اپوزيشن جي آل پارٽيز  ڪانفرنس جي ايجنڊا جو معاملو، مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اي پي سي جي امڪاني ايجنڊا تي صلاح مشورا ڪيا.

بلاول ڀٽو سان ملاقات جي لاءِ احسن اقبال، اياز صادق ۽ سعد رفيق بلاول هائوس لاهور پهتا ۽ ملڪ جي سياسي، معاشي، اقتصادي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي تجويز ڪيل اي پي سي جي ايجنڊا تي به ڳالهيون ٿيون.

حڪومت طرفان انتقامي ڪاررواين ۽ نيب قانون ۾ امڪاني ترميم جي معاملن تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، قمرزمان ڪائره، چوڌري منظور ۽ حسن مرتضيٰ به موجود هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔