سعودي بادشاهه شاهه سلمان طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال داخل

رياض: سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبالعزيز جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب سعودي رائل ڪورٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 84 ساله شاهه سلمان کي مثاني ۾ سوڄ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سعودي بادشاهه کي رياض جي  اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي ان جا ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز 2015 کان سعودي عرب جو بادشاهه آهي. بادشاهت ملڻ کان اڍائي سال اڳ هو سعودي عرب جو نائب ۽ ولي عهد به رهيو.

جڏهن ته هن 50 سال رياض جي گورنر جا فرض به ادا ڪيا. ان کان علاوه شاهه سلمان سعودي عرب جو بچاءُ وارو وزير به رهي چڪو آهي.

شاهه سلمان جي پٽ ۽ سعودي شهزادي 34 ساله محمد بن سلمان ملڪ جي طاقتور ترين شخصيت مڃيو ويندو آهي جنهن سعودي عرب ۾  ڪيتريون ئي نيون اصلاحاتون متعارف ڪرايون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔