ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

ڪراچي: ڪراڇي ۾ 7 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ موسم بهتر ٿيندي ئي بجلي جي طلب ۾ واقع گهٽتائي سامهون آئي آهي. بجلي جي گڏيل طلب 2900 ميگاواٽ آهي جڏهن ته رسد 2600 ميگاواٽ آهي. هن وقت ڪراچي اليڪٽرڪ جا پاور پلانٽ 1600 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.  جڏهن ته خانگي پاور پلانٽس مان 300 ۽ نيشنل گرڊ مان 700 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي.

  بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ 300 ميگاواٽ جو فرق  موجود آهي. ان حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏنل علائقن ۾ لاڳيتو بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. پر لائن لاسز وارن علائقن ۾ 7 ڪلاڪن جي اعلاڻيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

گذريل ڏينهن به ڪراچي ۾ بجلي جي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 6 کان 8 ڪلاڪ جي لوشيڊنگ ڪئي پئي وئي. نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون، لياقت آباد، نيو گوليمار، اورنگي ٽائون، گلشن اقبال، 13 ڊي، لياري ۽  بلديه ٽائون ۾ به بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي.

واٽر بورڊ موجب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي نه هجڻ سبب 300 ملين گيلن پاڻي فراهم ناهي ٿي سگهيو. ضلعي وسطي ۽ شرقي ۾ 3 ڏينهن کان پاڻي فراهم ناهي ٿي سگهيو. ضلعي غربي ۾ به پاڻي جي سپلاءِ جو آپريشن لوڊشيڊنگ سبب متاثر رهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔