معيد يوسف، نديم افضل چن ۽ شهباز گل پرڏيهي شهريت جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: معيد يوسف ۽ شهباز گل چيو آهي ته اسان وٽ پاڪستان کان علاوه ڪنهن به ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي.

زلفي بخاري ان حوالي سان چيو آهي ته نوازشريف سميت ليگي اڳواڻ اقامو رکندڙ آهن. الزام لڳائيندڙ پهريان پنهنجي گريبان ۾ ڏسن.  ان حوالي سان نديم افضل چن چيو آهي ته مون وٽ ڪابه شهرت ناهي. پي آر ڪارڊ آهي. رپورٽ موجب ٻٽي شهريت ۽ پرڏيهه ۾ قيمتي ملڪيتن جي معاملي تي وزيراعظم جا معاون ۽  صلاحڪار وضاحت ڏيڻ لاءِ سامهون اچي ويا آهن. قومي سلامت بابت خاص صلاحڪار معيد يوسف پاڪستان کان  علاوه ڪنهن به ٻئي ملڪ جي شهريت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

وضاحتي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀالڻ کان پوءِ آمريڪا ويو ئي ناهيان. شهريت بابت غلط فهمي پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ منهنجي اربين يا لکين روپين جي ڪابه ملڪيت ناهي. ان حوالي سان زلفي بخاري مخالف ڌر تي الزام لڳائيندي چيو ته نوازشريف سميت ڪيترائي ليگي اڳواڻ اقامو رکندڙ آهن.

احسن اقبال ٻين تي الزام لڳائڻ جي بجاءِ پهريان پنهنجي گريبان ۾ ڏسي. شهباز گل به پرڏيهي شهري کان انڪار ڪيو هن چيو ته مان پاڪستاني شهري آهيان ۽ مون وٽ صرف گرين پاسپورٽ آهي جنهن کي مون ڪڏهن به ناهي لڪايو.

نديم افضل چن ان حوالي سان وضاحت ڪئي ته شهريت ۽ پي آر ڪارڊ ۾ فرق هوندو آهي. جيڪڏهن تصديق لاءِ مون سان رابطو ڪيو وڃي ها ته غلط خبر هلائڻ جي ڪابه ضرورت نه پوي ها

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔