انگلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ شامل نوجوان بيٽسمين خوشدل شاهه زخمي

ڊربي : انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل بيٽسمين خوشدل شاهه آڱوٺي ۾ فريڪچر سبب ٽن هفتن لاءِ ڪرڪيٽ کان پري ٿي ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڊربي ۾ ڇنڇر ڏينهن نيٽ سيشن دوران بيٽنگ ڪندي بال لڳڻ سبب نوجوان بيٽسمين جي آڱوٺي ۾ فريڪچر ٿي پيو.
بورڊ موجب خوشدل شاهه ڊربي ۾ انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس ميچ ۾ حصو نه وٺي سگهندو ۽ ٻي 4 ڏينهن واري پريڪٽس ميچ جي سليڪشن لاءِ به دستياب نه هوندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته اميد ته خوشدل شاهه ايندڙ هفتي جي آخر ۾ فزيڪل ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔