ايس بي پي روزگار اسڪيم: ٻارنهن لک ، 14 هزار ، 619 ملازمن جي نوڪرين کي تحفظ فراهم ڪيو ويو

اسلام آباد: ڪورونا وائرس جي وبا دوران روزگار جي حفاظت لاءِ ايس بي پي اسڪيم تحت ٻارنهن لک ، 14 هزار ، 619 ملازمن جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.
ايس بي پي ڪارونا وائر جي ڪري پيدا ٿيل معاشي صورتحال ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائي آهي.منصوبي تحت ، هر قسم جي ڪاروباري ملازمن کي پگهار ادا ڪرڻ لاءِ سستا قرض ڏنا پيا وڃن.
اسڪيم تحت اهي ڪمپنيون جن اپريل 2020 ۽ جون 2020 جي وچ ۾ پنهنجي ملازمن کي برطرف نه ڪيو اهي ملازمن جي ٽن مهينن جي پگهار جي ادائيگي لاءِ 5 سيڪڙو وياج تي قرض حاصل ڪري سگهن ٿيون.فعال ٽيڪس ڏيندڙن جي طور تي درج ٿيل ادارا 4 سيڪڙو تي قرض وٺي سگهندا.
ايس بي پي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ، 3 جولاءِ تائين ، 2684 ادارا اسڪيم تحت قرض جي درخواست ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔