موسميات کاتي پاران اڄ سڄي ملڪ ۾ برسات جا امڪان ظاهر

اسلام آباد: موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

موسميات کاتي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، مٿانهين خيبرپختونخواهه، مٿانهين وچولي پنجاب، اوڀر بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اڄ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ضلعن ۾ به تيز هوائن ۽ کنون سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

پنجاب جي ضلعن راولپنڊي، مري، جهلم، اٽڪ، چڪوال، ميانوالي، سرگودها، خوشاب، نارووال، سيالڪوٽ، گجرات، گجرانوالا ۽ حافظ آباد ۾ برسات جا امڪان آهن.

منڊي بهاءُالدين، لاهور، شيخوپوره، قصور، جهنگ، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، اوڪاڙه  ۽ ساهيوال ۾ به طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ملتان، ڊي جي خان، راجن پور، رحيم يار خان، بهاولپور، بهاولنگر، ليه ۽ بهکر ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

سنڌ جي ضلعن سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪراچي، ٺٽو ۽ سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾  به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم جهڙالو به رهندو. گذريل ڏينهن به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ 92 ملي ميٽر، منڊي بهاءُالدين ۾ 9 ملي ميٽر، جهلم ۾ 7 ملي ميٽر، چڪوال ۽ گوجرانواله ۾ 6 ملي ميٽر، لاهور ۾ 4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

سنڌ جي ضلعن پڊعيدن ۾ 16 ملي ميٽر، دادو ۾ 2 ملي ميٽر برسات پئي. جڏهن ته گلگت بلتستان جي علائقي گوپس ۽ بونجي ۾ 3 ملي ميٽر جڏهن ته بلوچستان جي علائقي تربت ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔