امير ملڪ غريب ملڪن جي ڪرونا کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪن: گڏيل قومون

گڏيل قومن امير ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو غريب ملڪن جي ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ مدد ڪن.
ميڊيا کي هڪ بيان ۾ ، گڏيل قومن جي رليف ۽ ورڪس ايجنسي جي سربراهه مارڪ لوڪوڪ چيو آهي ته امير ملڪن پاران هن وقت تائين ڪيل ڪارروائي مجموعي طور تي ناڪامي ۽ ڪوتاهي تي ٻڌل آهي.
هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن قدم نه کنياويا ته عالمي وبائي مرض ۽ ان سان جڙيل عالمي بحران سان 265 ملين ماڻهو بک ۽ غربت جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
گڏيل قومن اڳ ۾ غريب ملڪن کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ ان جي منفي اثرات کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ 10 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد جو مطالبو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔