ماري پيٽروليم گهوٽڪي ضلعي ۾ گئس جا ذخيرا دريافت ڪري ورتا

گهوٽڪي:پاڪستان تيل ۽ گئس جي ڳولا ۾ هڪ ٻيو وڏو سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي ، ماري پيٽروليم سنڌ صوبي جي گهوٽڪي ضلعي ۾ گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا آهن ، جتان روزانو 11 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس حاصل ٿيندي.
اها ان علائقي جي ماري پيٽروليم جي مسلسل پنجين ڪاميابي آهي ، منصوبي ۾ 60 ملين ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ، ماري پيٽروليم ان دريافت بابت توانائي واري وزارت کي آگاهه ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔