آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، تيل جي کوٽ جا امڪان

ڪراچي: آل پاڪستان آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن تيل جي ورهاست بند ڪرڻ سان گڏوگڏ  سڄي ملڪ ۾ هڙتال شروع ڪري ڇڏي جنهن سبب 48 ڪلاڪن بعد سڄي ملڪ ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ جا امڪان ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.

آل پاڪستان آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن جي سينئر وائس چيئرمين شمس شاهواڻي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ تيل جي ورهاست نه ٿيندي. حڪومت اسان جي مطالبن تي غور ڪري. جيستائين اسان جا مطالبا منظور نه ٿيندا تيل جي سپلاءِ بند رهندي. شمس شاهواني چيو آهي ته 48 ڪلاڪن کان پوءِ  سڄي ملڪ ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿي ويندي.

هن چيو ته اسان مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون. اسان حڪومت کان مطالبا ڪندا رهيا آهيون پر  حڪومت اسان جي هڪ به نه ٿي ٻڌي ان ڪري تنگ ٿي اڄ هڙتال جو فيصلو ڪيو. گذريل  ڏينهن مير شمس شاهواني ۽ آئل ٽينڪر ڪانٽريڪٽر ايسوسيئيشن جي صدر عبيدالله آفريدي هڪ پريس  ڪانفرنس جي دوران هڙتال جو اعلان ڪيو هو.

هن چيو هو ته صوبائي سروس ۽ ٽول ٽيڪس کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. پهرين نومبر 2019ع کان هنيئر تائين ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ ناهي ٿي ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ هڙتال ڪندي ملڪ گير سطح تي سپلاءِ معطل ڪري ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔