پي ٽي آءِ اڳواڻن نيب کان آر او پلانٽس جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي :پي ٽي آءِ اڳواڻن نيب کان آر او پلانٽس جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ۽ حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مني لانڊرنگ کانپوءِ آر او پلانٽس ايشيا جو سڀ کان وڏو فراڊ آهي، 850 مان رڳو 578 پلانٽس لڳائي 33 ارب رپيا لٽيا ويا ، 90 کان 95 سيڪڙو آر او پلانٽس بند آهن، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين کان حساب وٺو، حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن وٽ آهن، ڪراچي جيان ٻين ضلعن ۾ به رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن، ضرورت پوي ته فوج کي به اماڻيو وڃي، خرم شير زمان جو چوڻ هو ته نيب اڃان تائين آر او پلانٽس تي جاچ ناهي ڪئي، وفاق کان مطالبو ڪيون ٿا ته پلانٽس جيڪي سنڌ سرڪار لڳايا انهن جي جاچ ڪئي وڃي، 7 سال اڳ هي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو، 13 ارب رپين ۾ 755 آر او پلانٽس لڳائڻا هئا، عوام کي ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي، ساڍا پنج ارب رپيا مينٽيننس جي نالي تي هڙپ ڪيا ويا. بلاول ڀٽو پنهنجي والد کان پڇي ته ايشيا جي سڀ کان وڏي آر او پلانٽ جو ڇو ٿيو، چيف جسٽس ان معاملي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته لياري ۽ ڪياماڙي ۾ لڳايل آر او پلانٽس اڄ به ببند پيل آهن، ٿرپارڪر ۾ سمورا آر او پلانٽس بند پيل آهن، مراد علي شاهه جي تڪ ۾ 3 آر او پلانٽس بند پيل آهن، منڇر ڍنڍ تي 40 آر او پلانٽ لڳايا ويا، ان ۾ 38 آر او پلانٽس بند پيل آهن، جنهن شخص کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو ان جو نالو عمر گيلاني آهي. پاڪ اوئيسس کي سمورو ٺيڪو ڏنو ويو، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه کي به ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، مراد علي شاهه، اڳوڻي چيف سيڪريٽريز کي به گهرايو وڃي، بلاول پنهنجي والد کا پڇي ته 33 ارب سنڌ جي عوام جا ڪيڏانهن ويا. ڪراچي جيان صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔