ڪرونا وائرس انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وبا آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪرونا وائرس انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وبا آهي، جنهن سبب سموري دنيا ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ٽاسڪ فورس آن پاپوليشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن عذرا پيچوچو، سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته پاڪستان ۾ هر مهيني 5 لک ۽ سنڌ ۾ هڪ لک ٻار پيدا ٿيندا آهن، ڪرونا وائرس کي نظر ۾ رکندي خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت گائيڊ جاري 21 مارچ 2020 تي ئي جاري ڪئي وئي هئي. اجلاس ۾ ڪنٽري پاپوليشن ڪائونسل جي ڊاڪٽر زيبا سيٺار اسلام آباد مان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ تجويز ڏني ته ڊيٽا بيس کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هر شعبي جيان ڪرونا وائرس خانداني منصوبا بندي کي به گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ اندر جٽادار ترقي جي هدف ۾ تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خانداني منصوبابندي جِي سروسز ۾ آساني ۽ غربت جو خاتمو شامل آهي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔