ڪي پي ٽي ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيس: بابر غوري کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي مڪمل

ڪراچي : نيب ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي، عدالت ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ نيب کي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڪي پي ٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران نيب پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي. نيب عدالت کي آگاهه ڪيو ته بابر غوري خلاف شق 87 تحت اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندن ملڪيت جي ضبط ڪرڻ واري ڪارروائي جاري آهي. نيب جو چوڻ آهي ته بابر غوري جي ملڪيت بابت سنڌ مان رپورٽ ملي چڪي آهي پر ٽن صوبن هيل تائين تفصيل فراهم ناهن ڪيا، ٽنهي صوبن جي چيف سيڪريٽري کي ٻيهر خط لکيو آهي، تفصيل ملڻ تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ريفرنس ۾ نامزد اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري روپوش آهي، جڏهن ته ايم پي اي جاويد حنيف، رئوف اختر فاروقي ۽ ٻيا جوابدار گرفتار آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔