پاڪ نيوي سيلنگ ڪلب جي تعمير خلاف درخواست تي نيول چيف ۽ سي ڊي اي کان جواب طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڊيم جي ڪناري تي پاڪستان نيوي سيلنگ ڪلب جي تعمير خلاف درخواست تي چيف آف نيول اسٽاف کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله راول ڊيم جي ڪناري پاڪستان نيوي سيلنگ ڪلب جي تعمير خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

هاءِ ڪورٽ ڪيپيٽل ڊوالپمينٽ اٿارٽي(سي ڊي اي) جي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو. عدالت چيو ته اسان کي آگاهي ڏني وڃي ته ڪهڙي اٿارٽي تحت جڳهه الاٽ ڪئي وئي. عدالت چيف آف نيول اسٽاف کي به نوٽيس جاري ڪري لکت ۾ جواب جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت اٽارني جنرل کي به 23 جولاءِ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته هي اهم نوعيت جو ڪيس آهي.

اٽارني جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي معاونت ڪري. درخواست ڏيندڙ چيو ته خبرن جي ذريعي خبر پئي ته پاڪستان نيوي کي جڳهه الاٽ ڪئي وئي. راول ڊيم جي ڪناري تعمير ٿيندڙ نيوي ڪلب جون تصويرون به درخواست سان گڏ لڳايون ويون آهن.

عدالت درخواست ڏيندڙ جي نيول فارمز ڪيس جي رٽ  ۾ نيوي ڪلب جي ترميم شامل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔