ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، وزيراعظم پاران اڄ اجلاس طلب

ڪراچي : ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ عوام جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هئڻ سبب اڪثر علائقن ۾ شهري راتين جون راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان اڄ ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ واري معاملي تي اهم اجلاس سڏائي ورتو، بجلي جي بندش، گيس ۽ فرنس آئل جي فراهمي تي اهم فيصلن جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جي خاطرين باوجود ڪراچي اندر لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي سگهي، جنهن سبب شهري راتين جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ڪراچي جي شهري علائقن اندر بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، جڏهن ته شهر جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۾ ويتر اضافو ٿي ويو آهي، سخت گرميءَ سبب ماڻهو عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن. وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ واري معاملي تي اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان کي ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي، گئس ۽ فرنس آئل فراهميءَ بابت اهم فيصلن جو به امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔