ڪراچي ۾ فلاحي پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ، جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي دليل طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، فلاحي پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جَي اڳوڻي ناظم فيروز بنگالي ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي اندر فلاحي پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ناظم فيروز بنگالي، فيروز بنگالي، عارف خان، ناصر علي ۽ عارف حسين نقوي سميت ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن سرجاني ٽائون ۾ فلاحي پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ ڪئي، راندين جي ميدان تي 281 پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ ڪري عوام کي وڪرو ڪيا ويا، سندن خلاف ريفرنس به داخل ڪيو ويو. عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي سندن وڪيلن کان دليل طلب ڪري ورتا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔