سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران کير مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف درخواست تڪڙي ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، کير مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي ڪمشنر ڪراچي، آل ڪراچي فارمز ۽ مِلڪ ريٽيلر ايسوسيئيشن خلاف درخواست تڪڙي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير وڪرو ڪندڙ دڪاندارن درخواست داخل ڪرائيندي ڪمشنر ڪراچي، آل ڪراچي فارمز ايسوسيئيشن ۽ ملڪ ريٽيلرز ايسوسيئيشن کي ڌر بڻايو. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته واڙي وارا کين کير جو في ڪلو 107 رپين ۾ وڪرو ڪن ٿا، ان ڪري هو 110 رپيا في ڪلو ۾ کير وڪرو پيا ڪن. درخواستگذار موجب ڪمشنر ڪراچي کير جي دڪانن تي ڇاپا هڻڻ بدران واڙن تي ڇاپا هڻي،جيڪڏهن واڙي وارا 120 رپيا في ڪلو کير ڏيندا ته اسان 135 رپين تائين وڪرو ڪنداسين. عدالت درخواست تڪڙي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڊيري فارم ايسوسيئيشن پاڻمرادو کير جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ڪمشنر ڪراچي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي دڪان سيل ڪيا هئا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔