موسميات کاتي پاران اڄ رات کان ڪراچي ۾ طوفان سان گڏ برسات جا امڪان ظاهر

ڪراچي: موسميات کاتي چوماسي جي ٻئين اسپيل ۾ اڄ رات يا سڀاڻي صبح کان ڪراچي ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

موسميات کاتي موجب  عرب سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ رن آف جي ويجهو موجود آهي جڏهن ته سامونڊي هوائن جي معطلي ۽ حبس  هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته چوماسي جي ٻئين اسپيل ۾ اڄ رات يا سڀاڻي صبح ڪراچي ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

جڏهن ته سڀاڻي جمعي جي صبح ۽ ٻنپهرن ۾ به برسات وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر وڌيڪ ٻڌايو ته برسات کان اڳ ڪراچي ۾  مٽيءَ جو طوفان شروع ٿي سگهي ٿو جنهن جي رفتار 50 کان 60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي.

جڏهن ته شهر ۾ 20 کان 30 ملي ميٽر برسات به پئجي سگهي ٿي ۽ برسات جو هي سلسلو جمعي ۽ ڇنڇر جي رات تائين ختم ٿيڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔