دنيا ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ 5 لک 86 هزار 821 ٿي ويو

نيويارڪ: دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي ڪري 5 لک 86 هزار 821 ٿي ويو. عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ متاثرن جو انگ وڌي ڪري هڪ ڪروڙ 36 لک 91 هزار 665 ٿي ويو،جڏهن ته 80 لک 37 هزار 214 مريض صحتياب ٿي ويا آهن. آمريڪا ۾ هڪ لک 40 هزار 140،برازيل ۾ 75 هزار 523 ۽ ڀارت ۾ 24 هزار 929 شهري حياتيون وڃائي ويٺا. رپورٽس مطابق روس ۾ 11 هزار 770 ،پيرو ۾ فوتين جو انگ 12 هزار ،چلي ۾ 7 هزار 86،ميڪسيڪو ۾ 36 هزار 906 ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ 4 هزار 453 فوت ٿي ويا. انگن اکرن مطابق اسپين ۾ فوتين جو تعداد 28 هزار 413،برطانيا ۾ 45 هزار ،ايران ۾ 13 هزار 410،اٽلي ۾ 34 هزار 997،۽ فرانس ۾ 30 هزار 120 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔