ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري، وڌيڪ 40 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 40 شهري فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ وڌي 5 هزار 426 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا وائرس سبب سنڌ ۾ هڪ لک 8 هزار 913 شهري ڪرونا ۾ وٺجي ويا ۽ هينئر تائين 18 سئو 88 شهري جان جي بازي هارائي ويا. رپورٽس مطابق پنجاب ۾ 88 هزار 539 ڪرونا جا وائرس ظاهر ٿيا آهن،جڏهن ته فوتين جو تعداد 2هزار 51 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق خيبرپختونخواهه ۾ 31 هزار 217 شهري متاثر ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد هڪ هزار 120 ٿي ويو آهي. اين سي او سي مطابق بلوچستان ۾ 11هزار 323 شهري ڪرونا ۾ وٺجي ويا ۽ 127 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 156، آزاد ڪشمير ۾ 48 ۽ گلگت ۾ 38 شهري جان جي بازي هارائي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔