سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ هڪ مهيني جي واڌ

ڪراچي : سنڌ حڪومت صوبي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، تعليمي ادارا، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ ۽ مزارون وڌيڪ هڪ مهيني تائين بند رهندا. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 15 آگسٽ تائين سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارا، شادي هالز، ڪاروباري مرڪز، تفريح ماڳ، پارڪس، سينيما گهر بند رهندا، جڏهن ته مزارن تي 15 آگسٽ تائين ماڻهن جي وڃڻ جي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به 15 آگسٽ تائين بند هوندي، راندين جون سرگرميون وڌيڪ هڪ مهيني تائين معطل رهنديون. گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب، ريسٽورنٽس کي رڳو ڊليوري جي اجازت هوندي، ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔