دنيا ۾ ڪرونا وگهي 5 لک 81 هزار 221 شهري زندگي جي جنگ هارائي ويا

نيو يارڪ: دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي 5 لک 81 هزار 221 شهري حياتيون وڃائي ويٺا،متاثرن جو تعداد وڌي هڪ ڪروڙ34 لک 59 هزار 235 ٿي ويو. عالمي رپورٽس مطابق هيل تائين 78 لک 49 هزار 326 شهري صحتياب ٿي چڪا آهن. آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 39 هزار 143،برازيل ۾ 74 هزار 262 ۽ ڀارت ۾ 24 هزار 313 ويو. روس ۾ 11 هزار 614،پيرو ۾ 12 هزار 229،چلي ۾ 7 هزار ،ميڪسيڪو ۾ 36 هزار ۽ اسپين ۾ 28 هزار شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڏکڻ آفريقا ۾ ڪرونا وائرس 4 هزار 346،برطانيا ۾ 44 هزار 968،ايران ۾ 13 هزار 211،اٽلي ۾ 34 هزار 984 ۽ سعودي عرب ۾ 2 هزار 283 شهرين جون حياتيون ڳڙڪائي ويو. ترڪي ۾ ڪرونا وائرس سبب 5 هزار 402،جرمني ۾ 9 هزار 144، بنگلاديش ۾ 2 هزار 424 ۽ فرانس ۾ 30 هزار 29 شهري فوت ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔