وزيراعظم عمران خان اڄ ديامر ڀاشا ڊئم رٿا جو دورو ڪندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ ديامر ڀاشا ڊئم رٿا جو دورو ڪندو ، وزيراعظم عمران خان ديامر ڀاشا ڊئم جي تعميراني ڪم ۽ رفتار جو معائنو ڪندو

سنڌو درياءَ تي تعمير ٿيندڙ اهو ڊئم دنيا جو سڀ کان وڏو آر سي سي ڊئم هوندو جيڪو 81 لک فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندو ، ۽ ڊئم مان پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 48 ڏينهن ٿي ويندي

ديامر ڀاشا ڊئم مان ساليانو 18 ارب 10 ڪروڙ يونٽ سسٽي ترين بجلي به ملي سگهندي ۽ هي ڊئم 30 لک ايڪڙ زمين کي به پاڻي ڏئي سگهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔