ملڪ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 67 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 67 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 386 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 165 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 2 لک 55 هزار 769 ٿي ويو،. رپورٽس مطابق هيل تائين هڪ لک 72 هزار 810 مريض صحتياب،21 هزار 749 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون. سنڌ ۾ فوتين جو تعداد هڪ هزار 863،پنجاب ۾ 2 هزار 43،ڪي پي ۾ هڪ هزار 114 ۽ بلوچستان ۾ 127 ٿي ويو. اسلا آباد ۾ فوتين جو تعداد 155،گلگت بلتستان ۾ 38 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46 تائين پهچي ويو. سنڌ ۾ متاثرن جو تعداد هڪ لک 7 هزار 773،پنجاب ۾ 88 هزار 45،ڪي پي ۾ 31 هزار هڪ ٿي ويو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 14 هزار 315،بلوچستان ۾ 11 هزار 239،گلگت ۾ هڪ هزار 708 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 688 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔