ڀارتي ٽي وي اداڪار سشيل گوڙا مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي: باليوڊ اداڪار سشانت سنگهه کانپوءِ هڪ ٻئي ڀارتي ٽي وي اداڪار سشيل گوڙا به مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب 32 سالن جي ٽي وي اداڪار سشيل گوڙا سندس شهر منڊيا ۾ فارم هائوس ۾ مردا حالت ۾ هٿ آيو.
سشيل گوڙا جي موت جو ڪارڻ اڃان تائين سامهون نه آيو آهي پر پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته سشيل خودڪشي ان ڪري ڪئي هوندي جو جڏهن کان لاڪ ڊائون شروع ٿيو آهي ته هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ هو هڪ فلم ۾ پڻ اداڪاري ڪري چڪو هو جيڪا ٿوري وقت ۾ رليز ٿيڻ واري آهي پر فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ئي هو موت جي واديءَ ۾ هليو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔