سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي انعام ٿاملن، سنڌ سرڪار ذميواريون پوريون نه ڪيون:فردوس شميم

ڪراچي : پي ٽي آءِ اڳواڻن سنڌ سرڪار مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي انعام ڏنا پيا وڃن، سنڌ سرڪار امن امان جي حوالي سان ذميواريون پوريون ناهن ڪيون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان ۽ فردوش شميم چيو ته سنڌ مان رينجرز کي هٽائينداسين ته ڀتا خور نڪري ايندا ۽ اغوا ۽ قتلام به شروع ٿي ويندو، پوليس جي اندر اهل اهلڪار ڪونهن، رينجرز ۽ پوليس ۾ ڪهڙو فرق آهي، فيڪٽري هڪ آهي، هڪ جاءِ تي تربيت ۽ ڇونڊ سٺي ٿيندي آهي، ٻئي پاسي چونڊ ۽ تربيت سهي ناهي ٿيندي، اُتي سفارش تي ماڻهو ايندا آهن، ملڪ جي وڏي بيماري ڪورونا نه ڪرپشن آهي، ان ڪرپشن بيماري جو نالو آصف زرداري آهي، ذوالفقار مرزا 8 سال اڳ آصف زرداري جو پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، آصف زرداري عذير بلوچ هٿان شهرين جو قتل عام ڪرايو، عذير بلوچ جي بيان حلفي وڏو ثبوت آهي، قوم اڄ به سوال ڪري ٿي ته مرتضيٰ ڀٽو جو قاتل ڪير آهي؟ مرتضيٰ ڀٽو قتل رپورٽ کي پبلڪ ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟، اڃا ڪيترا سال ٿي ويندا، جڏهن حڪمران ٻڌائيندا ته مرتضي ڀتو جو قاتل ڪير آهي؟ جڏهن ڪا جي آءِ ٽي ٺهندا آهن ته اُن ۾ آفيسر ذميوار هوندا آهن. خرم شير زمان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سپورٽ ڪيو وڃي ٿو، عوام قربانيون ڏئي رهيو آهي، بدامني وڌي وئي آهي، بدامني ۾ ملوث ماڻهو آزاد گهمي رهيا آهن، ميهڙ جي ڇوڪري ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪرايو ويو، هوءَ نياڻي ڪڏهن پيرين پنڌ عدالت اچي پئي ته ڪڏهن هٿ ۾ لال ٽين کڻي احتجاج ڪري رهي آهي. سنڌ سرڪار ام رباب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سنڌ کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔