وزيراعظم پاران ماڪڙ جو حملو پاڪستان لاءِ وڏو چيلينج قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪووڊ-19 سان گڏوگڏ ماڪڙ جو حملو به پاڪستان لاءِ وڏو چيلينج آهي، ملڪ جي خوراڪ جي کوٽ لاءِ حڪومت ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزير اعظم عمران خان اڄ نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر (اين ايل سي سي) جو دورو ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وفاقي وزير، ۽ چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) به هن سان گڏ هئا. وزير اعظم اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزير اعظم کي ماڪڙ جي تدارڪ لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ماڪڙ ڪنٽرول جي فيز 1 لاءِ نيشنل ايڪشن پلان مڪمل ٿي چڪو آهي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي/نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايل سي سي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز متاثر علائقن ۾ ماڪڙ تي ضابطي جي بندوبستن تي بريفنگ ڏني. وزير اعظم کي قومي، صوبائي ۽ ضلعن جي سطح تي نگراني ۽ ادارن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ قومي وسيلا متحرڪ ڪرڻ ۽ آگاهي مهم لاءِ ڪيل ڪوششن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته ماڪڙ جي پرچر بابت گڏيل قومن ۽ خطي جي متاثر ملڪن سان ويجهن رابطن ۾ آهيون. آفريقا کان ايران جي ستي ۽ ڀارت مان ماڪڙ جي اچڻ جا امڪان آهن، ماڪڙ جي ان امڪاني حملي لاءِ ضروري بندوبست موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔