وزيراعظم جو نئين هائوسنگ اسڪيم لاءِ سبسڊي ڏيڻ جواعلان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي هائوسنگ ۽ تعيراتي صنعت ذريعي معيشت کي بهتر بڻائڻو آهي. دنيا ۾ بينڪون سڀ کان وڌيڪ قرض گهرن لاءِ ڏينديون آهن. وزيراعظم نئين هائوسنگ اسڪيم لاءِ 30 ارب جِي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسڪيم تحت پهرين مرحلي ۾ هڪ لک گهرن جِي اڏاوت تي 3 لک رپيا سبسڊي ڏني ويندي، 375 گز وارَي گهر لاءِ قرض تي رڳو 5 سيڪڙو وياج ڏيڻو پوندو. باقي وفاقي حڪومت سبسڊي ڏيندي، اِها رعايت رڳو هن سال لاءِ هوندي. عمران خان چيو ته تعميراتي شعبي ۽ بلڊرز لاءِ ون ونڊو آپريشن ڪري رهيا آهيون، سڀ صوبا به ان تي ڪم ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔