وزيراعظم جو سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ مارڪيٽ ۾آڻڻ جو حڪم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ايندڙ اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ فوري طور مارڪيٽ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ذريعن موجب ڪڻڪ امڪاني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم پنجاب حڪومت کي خاص هدايتون ڏيندي سرڪاري گودامن  ۾ پيل ڪنڪ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وزيراعظم عمران خان ڪڻڪ بحران تي بيوروڪريسي جي مشورن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيڻ ڪري آفيسرن سرڪاري ڪڻڪ آڪٽوبر ۾ مارڪيٽ آڻڻ جو مشورو ڏنو هو. وزيراعظم چيو ته توهان فوري طور ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آڻيو ۽ سستي بازار ۽ پوائنٽس ٺاهي ماڻهن کي سستو اٽو ڏنو وڃي، آڪٽوبر ۾ ڏٺو ويندو، جيڪڏهن ضرورت پوي ته صورتحال موجب ڪڻڪ گهرائي وٺبي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔