ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 141 ٿي ويو

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا جي وبا ۾ مسلسل اضافو، وڌيڪ پنج ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 141 ٿي ويو.
خبر موجب ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪورونا جي وبا ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ٽنڊوڄام ۾ وڌيڪ پنجن ڄڻن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ٽنڊوڄام ويجهو ٽنڊو قيصر ۾ هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن ۾ ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. انهي کان سواءِ حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ڏيٿا ٽول پلازا جي وڌيڪ ٽن ملازمن ۾ ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. جنهن بعد ڪورنا متاثر ٽول ملازمن جو تعداد 16 ٿي ويو آهي.
صحت کاتي پاران ڪورونا متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔