ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سوٽي ڪپڙي وارو ماسڪ بهترين آهي: آمريڪي ماهر

فلوريڊا: آمريڪا جي فلوريڊا اٽلانٽڪ يونيورسٽي جي سائنسدانن مختلف طرحن جي ڪپڙن ۽ ماسڪن جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته سٺي سوٽي ڪپڙي سان ٺهيل گهريلو ماسڪ، ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي. شرط اهو آهي ته ان جو سائز صحيح هجي ۽ ان کي صحيح طريقي سان ٺاهيو ۽ پاتو وڃي.ڪهڙي طرح جو ڪپڙو ۽ فيبرڪ ڪورونا جي پکيڙ کي ڪيتري حد تائين روڪيندو آهي؟ اهو ڄاڻڻ جي لاءِ هنن انسان جهڙي هڪ روبوٽڪ پتلي(مينيڪن) جي ماڻهن تي مختلف طرح جا ماسڪ ۽ رومال ٻڌڻ کان پوءِ ان کي کنگهڻ ۽ نڇ ڏيڻ تي نڪرندڙ قطرن جي پکيڙ جو مشاهدو ڪيو. گهريلو قسم جي سمورن ماسڪ، ڪپڙن جي ٻٽي تهه لڳائي ٺاهيا ويا هئا. ماسڪ مان نڪرندڙ قطرن جو طئي ڪيل فاصلو ڄاڻڻ جي لاءِ هنن مصنوعي ليزر شعائن جي مدد ورتي.واضح رهي ته صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ٽن تهن وارا فيس ماسڪ تجويز ڪيا آهن جن جي اندروني تهه جاذب ڪپڙي جي، وچولي تهه ڪنهن فلٽر جيان جڏهن ته ٻاهرين تهه ڪنهن اهڙي فيبرڪ سان ٺهيل هجڻ گهرجي جيڪا پاڻي گذرڻ جي خلاف مزاحمت رکندي هجي.موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔