سربيا ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون جي اعلان تي عوام مڇرجي پيو، پارليامينٽ تي حملي جي ڪوشش

بلغاريه: سربيا ۾ حڪومت طرفان ڪورونا جي پکيڙ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون جي اعلان تي شهري مڇرجي پيا جنهن کان پوءِ انهن پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪري ورتو.برطانوي ميڊيا موجب اوڀرين يورپ جي ملڪ سربيا ۾ گذريل ڏينهن صدر طرفان گادي واري شهر بلغراد ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي اجتماع تي پابندي ۽ جمعي کان سومر تائين ڪرفيو جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته ان حڪم نامي کي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو هو. سربين صدر جي اعلان کان پوءِ شهري مڇرجي پيا ۽ پرتشدد احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري آيا.هزارين مظاهرين گادي واري شهر بلغراد ۾ پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪيو ۽ پارليامينٽ جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس احتجاجي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو جنهن جي جواب ۾ مظاهرين پوليس تي پٿر، بوتلون ۽ آنا اڇلايا. مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين دوران 12 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔