پاڪستان جي ڪائي به اداڪاره مريم نواز جو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي:حنا پرويز

ڪراچي :مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ جو چوڻ آهي ته پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صنم سعيد ۽ ايمان علي سانوري رنگ سبب مريم نواز تي ٺهندڙ فلم ۾ ليڊنگ رول ڪرڻ لاءِ مناسب نه آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ کانئس سوال پڇيو ويو ته مريم نواز جي بائيو پڪچر ۾ پاڪستان جي ڪهڙي اداڪارا کي ليڊنگ رول ۾ ڏسڻ پسند ڪندي؟ پاڪستاني اداڪارائن کي چونڊڻ جي آپشنز ۾ مهوش حيات، زارا نور عباس، ماهرا خان ۽ حريم فاروق جا نالا هئا پر نون ليگي اڳواڻ سڀئي آپشن رد ڪري ڇڏيا. جواب ۾ سندس چوڻ هو ته انهن مان ماهرا خان کيس پسند آهي پر اها به هي رول نٿي ادا ڪري سگهي ڇو ته جيڪا مريم نواز جي شخصيت آهي ان کي انهن مان ڪير به نٿو نڀائي سگهي. حنا پرويز بٽ اهو به چيو ته کيس ايمان علي ۽ صنم سعيد پسند آهن پر پنهنجي سانوري رنگ سبب ٻئي مريم نواز جي ڪردار لاءِ ٺيڪ نه آهن. واضح رهي ته حنا پرويز بٽ پنهنجن بيانن سبب خبرن جو حصو بڻجندي رهي آهي. ان کان اڳ هن مريم نواز کي سلطنت عثمانيه جي باني عثمان اول جي والد ارطغرل جي قائداڻين صلاحيتن سان ڀيٽ ڏني هئي. حنا پرويز جو اهو ٽوئيٽ به وائرل ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔