پي آءِ اي جو اڄ کان گڏيل عرب امارتن لاءِ ٻه طرفو هوائي آپريشن شروع

لاهور: پي آءِ اي اڄ کان گڏيل عرب امارات ڏانهن هوائي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پهريان پي آءِ اي يو اي اي ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ ون وي اڏامون هلائي رهي هئي پر هاڻي پاڪستان مان مسافر دبئي ، شارجا ، ابوظهبي ۽ ٻين هنڌن تي سفر ڪري سگهندا.
سڀني مسافرن کي روانگي کان 48 ڪلاڪ اڳ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي آهي ، بورڊنگ وقت تي منفي رپورٽ جمع ڪرڻ ۽ روانگي کان اڳ هيلٿ فارم جمع ڪرائڻ لازمي آهي.
پي آءِ اي ترجمان موجب ٽڪيٽ جي وڪرو شروع ٿي ويو آهي جيڪي پي آءِ اي جي آفيسن سان گڏوگڏ ويب سائيٽس ۽ ايجنٽ کان به حاصل ڪري سگهجي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔