سنڌ حڪومت پاران جي آءِ ٽيز پڌريون نه ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: عذير بلوچ واري جي آءِ ٽي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ واري مامري تي سنڌ حڪومت پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق اڄ خميس ڏينهن جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته ٻڌڻي کان پهريان ئي ڪالهه سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست ڏني آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو ته علي زيدي اسيمبلي فلور تي صوبائي حڪومت خلاف سنگين الزام لڳايا، سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي رپورٽ عام ڪري چڪي آهي، ان ڪري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي وڌيڪ ٻڌڻي ڪرڻ نٿا چاهيون ان ڪري درخواست واپس ڪرڻ جي بنياد تي خارج ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔