ڪشميري حريت ڪمانڊر برهان واني شهيد جي چوٿين ورسي، وادي ۾ هڙتال

سري نگر:حريت ڪمانڊر برهان واني جي شهادت واري ڏهاڙي تي والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي ، ان موقعي تي برهان واني ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ٿي ويو آهي.

والاريل ڀارتي فورسز برهان واني کي 2016 ۾ شهيد ڪيو هو . برهان واني جي شهادت واري ڏهاڙي تي علي گيلاني ۽ حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن جي ڪال تي والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ هر گهٽي ۽ گس تي اسان ڇا ٿا چاهيون ؟ آزادي جا نعرا گونجي رهيا آهن.

ڀارتي فوج ڪشميرين جي احتجاج  کي روڪڻ لاءِ پنهنجي روايتي هٿڪنڊن کي استعمال ڪندي ڪيترن ئي ڪشميري نوجوانن کي گرفتارڪري ورتو آهي جڏهن ته والاريل وادي ۾ انٽرنيٽ ، موبائل سروس بدستور معطل  آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔