پاڪستان ۾ تعليمي ادارا سيپٽمبر ۾ کولڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وفاقي وزير تعليم شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليم واري وزيرن جواجلاس ڪوٺايو ويو ، جنهن ۾ اسڪول،ڪاليجون ، ۽ يونيورستيون سيپٽمبر ۾ کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو ،

اجلاس ۾ چئني صوبائي تعليم واري وزيرن ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي وزيرن ويڊيو لنڪ وسيلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

سڀني صوبن اجلاس ۾ پنهنجا رايا پيش ڪيا ،اجلاس ۾ ايس او پيز تحت اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ امتحان وٺڻ تي به ويچاريو ويو .

اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي سيپٽمبر جي پهرين هفتي سخت ايس او پيز تحت کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔