ڀارت ڪورونا وبا مان متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو ملڪ بڻجي ويو

نئين دهلي: ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيندڙن جو انگ 7 لک 19 هزار 665 ٿيڻ کان پوءِ ڀارت سڄي دنيا ۾ ٽيون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيندڙن جي انگ ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ڀارت ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 7 لک 19 هزار 665 ٿي وئي آهي جڏهن ته 20 هزار ماڻهو فوت به ٿي چڪا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ڀارت ڪورونا وائرس جي متاثرن ملڪن مان ٽيون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي.گادي واري شهر نئين دهلي، ممبئي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سمورين اسپتالن ۾ ڪورونا وارڊر ڀرجي چڪا آهن ۽ وڌيڪ مريض وينٽي ليٽر نه ملڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته ڳوٺن ۾ حالتون وڌيڪ خراب آهن. مودي سرڪار ڪورونا وبا کان به شڪست کائي چڪي آهي. ڀارت ۾ ڪورونا جي شروعات کان ئي اوچتو سخت لاڪ ڊائون ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔