ڏکويل ماڻهن جي هڏ ڏوکي ۽ خدائي خدمتگار عبدالستار ايڌي جي وڇوڙي کي 4 ورهيه ٿي ويا

ڪراچي: ڏکايل انسانن جي مسيحا ايڌي فائونڊيشن انٽرنيشنل جي باني عبدالستار ايڌي جي وڇوڙي کي چار سال گذري ويا.

عبدالستار ايڌي زندگي ۾ ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏنو پر ان جي صاف نيت ۽ مستقل مزاجي کيس هر ميدان ۾ ڪاميابي ڏياري. عبدالستار ايڌي 1928ع تي ڀارت جي رياست گجرات جي شهر بانٽوا ۾ پيدا ٿيو هو. پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪندڙ عبدالستار ايڌي 1951ع ۾ هڪ ننڍي ڪمري ۾ ڏکايل انسانن جي خدمت جي شروعات ڪئي هئي.

عبدالستار ايڌي  پاران ايڌي فائونڊيشن جي بنياد رکي ته لاوارث ٻارن ۽ بي سهارا عورتن ۽ بزرگن کي سهارو ملي ويو. ايڌي جي ايمبولينس سروس وڏي سانحن کان وٺي ننڍن حادثن تائين انساني خدمت جون جيڪي مثالون پيش ڪيون اهي هميشه ياد رکيون وينديون. اسپتال ۽ ايمبولينس کان علاوه ايڌي فائونڊيشن ڪلينڪ، ويم گهر، چرين جي اسپتال، معذورن جي لاءِ گهر، بلڊ بينڪ، يتيمن جي لاءِ رهائشگاهه،  کان علاوه اسڪول به کوليا.

1997ع ۾  گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس دنيا جي سڀني کان وڏي فلاحي ايمبولينس سروس آهي. عبدالستار ايڌي 8 جولاءِ 2016ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ته ايڌي وليج ۾ بيٺل لاوارث ٻارن جي زبان تي صرف هڪ ئي آواز هئي ته اسان هڪ دفعو ٻيهر يتيم ٿي وياسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔