آمريڪا جي نائٽ ڪلب ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن: آمريڪي رياست سائوٿ ڪيرولينا جي هڪ نائٽ ڪلب ۾ فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. پوليس حملي آور کي گرفتار نه ڪري سگهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري ايسوسي اينڊ پريس موجب فائرنگ جو واقعو سائوٿ ڪيرولينا جي ڪائونٽي گرين ولي جي هڪ ڪلب ۾ آچر جي رات دير سان پيش آيو جنهن ۾ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ سان گڏوگڏ اٺ ڄڻا زخمي به ٿي پيا هئا. فائرنگ کان پوءِ سمورن زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.زخمين مان چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي گرين والي ڪائونٽ جي پوليس آفيسر(شيرف) هوبرٽ لوئس ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو عمارت جي اندر پيش آيو جنهن کان پوءِ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ افراتفري ۾ عمارت کان ٻاهر ڀڄندي ڏٺا ويا.فوري طور تي حملو ڪندڙ جي خبر نه پئجي سگهي آهي پر اتي موجود ٻن ماڻهن کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي واقعي جي جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔