ڪنٽرول لائن تي فائرنگ، پاڪستان جو ڀارت سان احتجاج

اسلام آباد : پاڪستان لائن آف ڪنٽرول ۽ سيز فائر جي ڀڃڪڙين جي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ايل او سي تي فائرنگ ۽ سيز فائر جي ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج ڪيو ويو.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج طرفان 5 جولاءِ تي شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو، فائرنگ ۾ ٻارن سميت 5 شهري سخت زخمي ٿيا، ڀارت طرفان فائرنگ نڪيال سيڪٽر ۾ ڪئي وئي.

هن چيو ته ڀارت مسلسل شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهيو آهي، هن سال 1595 ڀيرا ڀارت سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، ڀارتي فائرنگ ۾ هلندڙ سال 14 شهيد ۽ 121 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي فوج طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔